ريوارڊز فار جسٽس سلمان رئوف سلمان جنهن کي سيموئل سلمان ال ريدا ۽ سلمان ريمال طور به سڃاتو وڃي ٿو، بابت معلومات جي فراهمي تي 7 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. سلمان دنيا جي اولهه واري حصي ۾ حزب الله جي دهشتگرداڻي ڪارروائين جون هدايتون ڏئي ٿو ۽ حمايت ڪري ٿو. حزب الله ۾ ايڪسٽرنل سيڪيورٽي آرگنائزيشن (اي ايس او) جو هڪ اڳواڻ سلمان سڄي دنيا ۾ سازشن ۾ ملوث رهيو آهي. اِي ايس او حزب الله جو اهڙو عنصر آهي جيڪو لبنان کان ٻاهر دهشتگرداڻي حملن جي منصوبابندي، انهن کي منظم ڪرڻ ۽ انهن تي عملدرآمد جو ذميوار آهي. انهن حملن جو بنيادي هدف اسرائيلي ۽ آمريڪي هوندا آهن.
سلمان بابت چيو پيو وڃي ته هن 18 جولاءِ 1994ع تي بيونس آئرس ۾ ارجنٽائين جيوش ميوچل ايڊ سوسائٽي جيڪو هڪ يهودي ڪميونٽي سينٽر آهي تي بم حملي ۾ زميني رابطي ڪار طور ڪم ڪيو هو. ڌماڪيدار مادي سان ڀريل گاڏي جي ڌماڪي ۾ 85 ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.
19 جولاءِ 2019ع تي آمريڪا جي ناڻي واري کاتي سلمان کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ سلمان جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي سلمان سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم حزب الله کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.
