ريوارڊز فار جسٽس سليم جميل عياش بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، جنهن کي سليم جليل عياش ۽ جابر طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. عياش حزب الله جي يونٽ 121 جيڪو دهشتگرد گروپ جو قتل وارو اسڪواڊ آهي، جو سينيئر ڪارندو آهي، اهو اسڪواڊ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله کان سڌي ريت حڪم وصول ڪري ٿو. عياش کي آمريڪي فوجي اهلڪارن کي نقصان پهچائڻ جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
11 ڊسمبر 2020ع تي هڪ بين الاقوامي ٽربيونل عياش کي سندس غيرموجودگي ۾ فيبروري 2005ع تي بيروت ۾ هڪ آپگهاتي ٽرڪ بم حملي سميت جنهن ۾ لبنان جو اڳوڻو وزيراعظم رفيق حريري مارجي ويو هو، دهشتگردي سان لاڳاپيل الزامن هيٺ هڪ ئي وقت 5 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي. بيروت واري حملي جي نتيجي ۾ وڌيڪ 21 ڄڻا پڻ مارجي ويا هئا ۽ 226 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. ٽربيونل اهو نتيجو ڪڍيو ته عياش حريري تي حملو ڪندڙ قاتل ٽيم جي اڳواڻي ڪئي ۽ هو حملي واري ڏينهن قتل واري واقعي ۾ فعال طريقي سان ملوث هو.
