جان گرانويل ۽ عبدالرحمان عباس راهما جو قتل

آفريڪا - سب صحارا

انعام

تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس آمريڪا جي بين الاقوامي امداد واري اداري (يوايس ايڊ) جي ملازمن جان گرانويل ۽ عبدالرحمان عباس راهما جي قتل بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. پهرين جنوري 2008ع تي گرانويل ۽ راهما خرطوم ۾ شام جو نئين سال جي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪري واپس گهر وڃي رهيا هئا ته کين گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. ٻن گروپن ڌار ڌار قتل جي ان واقعي جي ذميواري قبول ڪئي جن ۾ هاڻي غير فعال ٿيل القاعده ان دي لينڊ آف ٽو نيلز (اي ڪيو ٽي اين) ۽ انصار التوحيد (توحيد جا حامي) شامل آهن.

سوڊان جي قانون واري نظام ۾ 5 ماڻهن تي ڪيس هلائي ٻٽي قتل ۾ ملوث هجڻ تي کين سزا ٻڌائي وئي. عبدالرئوف ابو زيد محمد حمزه، محمد مڪاوي ابراهيم محمد، عبدالباسط الحاج الحسن حاج حماد ۽ محند عثمان يوسف محمد کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي پر اهي سزا کان هڪ سال پوءِ خرطوم جي خوبر جيل مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مهند بابت چيو پيو وڃي ته هو مئي 2011ع ۾ صوماليا ۾ فوت ٿي ويو. عبدالرئوف کي سوڊاني اختيارين ٻيهر گرفتار ڪري ورتو. مڪاوي ۽ عبدالباسط مفرور آهن. (مڪاوي ۽ عبدالباسط بابت انعامن جي آڇ جو هائپرلنڪ) پيس ڪور جو اڳوڻو رضاڪار ۽ ڪئميرون ۾ محقق 33 سالن جو جان گرانويل ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان ڏکڻ سوڊان ۾ يو ايس ايڊ لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. هن جو ڪم جمهوريت ۽ گورننس پروگرامن بابت هو جنهن ۾ هن چاٻي ۽ سولر تي هلندڙ 50000 کان وڌيڪ ريڊيوز ورهايا ته جيئن علائقي جي شهرين جي پنهنجي حقن جي استعمال ۽ چونڊن جي تياري ۾ مدد ڪري سگهجي. 39 سالن جو عبدالرحمان عباس راهما دارفر سوڊان لاءِ 2004ع کان يو ايس ايڊ جي ڊزاسٽر اسسٽينس ريسپانس ٽيم جي اصلي ميمبرن مان هڪ ميمبر طور ڪم ڪري رهيو هو. ان کانپوءِ هو خرطوم ۾ يوايس ايڊ/سوڊان مشن جو ڊرائيور بڻجي ويو.

Skip to content