مورو نيشنل لبريشن فرنٽ (ايم اين ايل ايف) 1972ع ۾ فلپائن ۾ قائم ڪيو ويو هو. هن گروپ مسلم انڊپينڊينس موومنٽ جي ڌڙي طور ڪم شروع ڪيو. ايم اين ايل ايف مورو عليحدگي پسندن ۾ لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کان مک تنظيم هئي جيڪا 1970ع جي ڏهاڪي کان شروع ٿي. 1990ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ ايم اين ايل ايف جي ڪيترن ئي ميمبرن ڌار ٿي ابو سياف گروپ (اي ايس جي) جوڙيو، جيڪو فلپائن ۾ سڀ کان پرتشدد دهشتگرد گروپ آهي.
1996ع ۾ امن ۽ ترقي جو خاص علائقو (ايس زيڊ او پي اي ڊي) قائم ڪرڻ لاءِ ايم اين ايل ايف فلپائني حڪومت سان هڪ اهم امن معاهدي تي صحيحون ڪيون. ايم اين ايل ايف جي چيئرمين نور مسوري کي خودمختيار مسلمان مندانائو علائقي (اي آر ايم ايم) جنهن ۾ ملڪ جا ٻه زميني صوبا ۽ ٻيٽن وارا 3 صوبا شامل آهن، لاءِ گورنر نامزد ڪيو ويو، هن اڪثريتي مسلمان آبادي وارن علائقن کي ڪنهن حد تائين خودمختياري ڏني وئي. مندانائو ۾ انتهاپسند باغين ۽ حڪومتي سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ ڪڌهن ڪڏهن ٿيندڙ چڪرين جو سلسلو جاري رهيو، ڪيترن ئي علائقي واسين مسلمان اڪثريتي مندانائو جي خودمختياري ۽ ترقي لاءِ قابل عمل فريم ورڪ جوڙڻ تي زور ڀريو.
29 سيپٽمبر 2009ع ۾ فلپائن جي جولو ٻيٽ تي ايم اين ايل ايف جو نصب ڪيل ڌماڪيدار مادو فوجي گاڏين جي قافلي وٽ ڦاٽي پيو، هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 آمريڪي فوجي ۽ هڪ فلپائي فوج (اي ايف پي) جو اهلڪار مارجي ويا، جيڪي علائقي ۾ هڪ اسڪول جي اڏاوت واري انساني مدد جي مشن تي هئا.
2013ع ۾ ايم اين ايل ايف جي بدمعاش عنصرن زامبونگا شهر کي پرتشدد نموني ٽن هفتن تائين يرغمال بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ فلپائني سيڪيورٽي فورسز جا درجنين اهلڪار مارجي ويا ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا.
اڄڪلهه ايم اين ايل ايف ڪيترن ئي ڌڙن تي ٻڌل آهي جن مان ڪجهه فلپائني حڪومت ۽ مورو اسلامڪ لبريشن فرنٽ (ايم آءِ ايل ايف) ڌڙي ۾ ڳالهين جي حمايت ڪئي. انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ 2018ع ۾ بانگسامورو آرگينڪ لا (بي او ايل) پاس ٿيو ۽ 2019ع ۾ بانگسامورو آٽونامس ريجن آف مسلم مندانائو (بي اي آر ايم ايم) نالي خودمختيار علائقو وجود ۾ آيو.
