محمد علي حمادي

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس محمد علي حمادي جنهن کي علي حمادي ۽ ڪاسترو طور به سڃاتو وڃي ٿو، بابت معلومات جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو. حزب الله جو مبينه ميمبر حمادي 1985ع ۾ ٽي ڊبليو اي اڏام 847 جي اغوا ۾ ڪردار سبب گهربل آهي.

14 جون 1985ع تي دهشتگردن اٿينز کان روم ويندڙ ٽي ڊبليو اي جي اڏام 847 کي اغوا ڪري ورتو. 17 ڏينهن تائين 153 مسافرن ۽ عملي جي ماڻهن سميت جهاز کي رومي سمنڊ مٿان هيڏانهن کان هوڏانهن ۽ هوڏانهن کان هيڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو، جهاز بيروت مان الجزيره ويو جتان وري واپس آيو، جهاز 3 ڀيرا بيروت ۾ لينڊنگ ڪئي. پهريون ڀيرو بيروت ۾ اسٽاپ ڪرڻ دوران هائجيڪرن آمريڪي نيوي جي ٽوٻي رابرٽ اسٽيٽيم کي شديد تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کيس گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

14 نومبر 1985ع تي حمادي تي هائجيڪنگ ۾ سندس ڪردار ۽ حصو وٺڻ تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي. کيس 13 جنوري 1987ع تي فرينڪفرٽ هوائي اڏي تي گرفتار ڪيو ويو. آمريڪا کيس حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر وفاقي جمهوريه جرمني حمادي تي جرمني ۾ ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مئي 1989ع ۾ کيس قتل، يرغمال بڻائڻ، حملي ۽ هائجيڪنگ جي الزامن هيٺ ڏوهي قرار ڏنو ويو. حمادي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. 15 ڊسمبر 2005ع تي کيس حراست مان آزاد ڪيو ويو. حمادي واپس بيروت پهتو، جتي هو چيو پيو وڃي ته موجود آهي.

12 آڪٽوبر 2001ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت حمادي کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ حمادي جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي حمادي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم حزب الله کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي. حمادي ايف بي آءِ جي سڀ کان وڌيڪ دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل آهي.

Skip to content