ريوارڊز فار جسٽس مالڪ ابو عبدالڪريم بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آچ ڪري ٿو، مالڪ ابو عبدالڪريم کي عبد الڪريم ۽ ابو عبد الڪريم الطارقي طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. عبدالڪريم آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم طور نامزد ٿيل القاعده ان دي اسلامڪ مغرب (اي ڪيو آءِ ايم) ۾ ويڙهاڪن جي هڪ ڪمپني جو سينيئر اڳواڻ آهي.
عبدالڪريم جي ڪمان ۾ سندس ڪمپني هٿيار حاصل ڪيا ۽ اغوا جون وارداتون انجام ڏيڻ سان گڏ سڄي اتر ۽ اولهه آفريقا ۾ ننڍي پيماني تي دهشتگرداڻي حملن جون ڪارروايون ڪيون. عبدالڪريم کي جولائي 2010ع تي نائيجر ۾ هڪ پيرسن فرانسيسي يرغمالي جي قتل جو ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي. جون 2010ع ۾ عبدالڪريم جي ڪمپني طرفان ڪيل هڪ حملي جي نتيجي ۾ 11 الجيريائي اهلڪار مارجي ويا.
