مهد ڪراتي

آفريڪا - سب صحارا

انعام

Up to $10 million

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس مهد ڪراتي بابت معلومات جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، مهد ڪراتي کي عبدالرحمان محمد وارسيم جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. ڪراتي الشباب جو شيڊو ڊپٽي ليڊر آهي. ڪراتي وٽ الشباب جي انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي ونگ امنيات ۽ گروپ جي مالي معاملن جي حوالي سان ڪمانڊ جون ڪجهه ذميواريون آهن.

امنيات صوماليا، ڪينيا ۽ علائقي جي ٻين ملڪن ۾ آپگهاتي حملا ۽ قتل جون وارداتون انجام ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ الشباب جي دهشٽگرداڻي ڪارروائين لاءِ لاجسٽڪ سپورٽ فراهم ڪري ٿي. امنيات اپريل 2015ع تي گريسا يونيورسٽي ڪاليج ڪينيا ۾ ٿيل حملي جي ذميوار هئي جنهن ۾ 150 ماڻهو مارجي ويا هئا جن ۾ گهڻائي شاگردن جي هئي.

10 اپريل 2015ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت ڪراتي کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ ڪراتي جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي ڪراتي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا طرفان پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) طور نامزد ٿيل الشباب کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

Skip to content