ريوارڊز فار جسٽس آمريڪي ميرين ڪور جي ڪرنل وليم هگنس جي اغوا ۽ قتل بابت معلومات جي فراهمي لاءِ 5 ملين ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. هگنس ڏکڻ لبنان ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جو حصو هو جتي کيس 17 فيبروري 1988ع تي اغوا ڪيو ويو. اغوا ڪندڙن کيس قتل ڪرڻ کان اڳ تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کائنس پڇا ڳاڇا ڪئي. هگنس انهن 100 متاثرن ۾ شامل هو، جن ۾ گهڻائي اولهه جي شهرين جي هئي ۽ جن کي ڏهاڪي تائين هلندڙ لبنان جي يرغمالين واري بحران دوران حزب الله ۽ حزب الله سان لاڳاپيل دهشتگردن اغوا ڪري يرغمال بڻايو.
