جماعه اسلاميا (جي آءِ)

اوڀر ايشيا ۽ پئسفڪ

انعام

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

جماعه اسلاميا (جي آءِ) ڏکڻ اوڀر ايشيا جو دهشتگرد گروپ آهي جيڪو علائقي ۾ خلافت قائم ڪرڻ چاهي ٿو. جي آءِ علائقي ۾ ٿيل ڪيترن ئي اهم حملن جو ذميوار آهي، جن ۾ بالي جي نائيٽ ڪلب ۾ ٿيل بم حملو جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، آگسٽ 2003ع تي ميريٽ هوٽل جڪارتا تي ٿيل حملو جنهن ۾ 12 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا هئا، آڪٽوبر 2005ع ۾ بالي ۾ ٿيل آپگهاتي بم حملو جنهن ۾ 26 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا هئا، شامل آهن.

23 آڪٽوبر 2002ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت جي آءِ کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم ۽ ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق جي آءِ کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ جي آءِ جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي جي آءِ سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. جي آءِ کي ڄاڻي واڻي سامان يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.

Skip to content