ريوارڊز فار جسٽس اهڙي ڄاڻ جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ حزب الله جي مالياتي نظام ۾ رنڊڪ يا خلل پوي. حزب الله پنهنجو ڪارروايون جاري رکڻ ۽ عالمي سطح تي حملا شروع ڪرڻ لاءِ مالياتي مدد ۽ سهولتون فراهم ڪندڙ نيٽ ورڪس تي دارومدار رکي ٿي. حزب الله ايران جي سڌي مالي مدد، بين الاقوامي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري، ڊونر نيٽ ورڪس، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي سرگرمين وسيلي ساليانو هڪ ارب ڊالرن تائين حاصل ڪري ٿي.
حزب الله فنڊن کي سڄي دنيا ۾ پنهنجي ڪڌي سرگرمين لاءِ استعمال ڪري ٿي، جن ۾ شام ۾ اسد جي آمريت جي مدد لاءِ پنهنجي مليشيا ميمبرن کي مقرر ڪرڻ، آمريڪا ۾ نگراني ۽ انٽيليجنس معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ مبينه ڪارروايون ڪرڻ ۽ ان حد تائين فوجي صلاحيتون وڌائڻ شامل آهي جنهن ۾ حزب الله گائيڊڊ ميزائل هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿي. انهن دهشتگرد ڪارروائين لاءِ حزب الله جي مالي مددگارن ۽ سرگرمين جي عالمي نيٽ ورڪ وسيلي فنڊ فراهم ڪيا وڃن ٿا- هي مالياتي مددگار ۽ ڍانچو گروپ کي زندگي فراهم ڪن ٿا. حزب الله هٿيارن جو وڏو حصو، سکيا ۽ فنڊ ايران کان حاصل ڪري ٿو جنهن کي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت رياستي سهڪار سان دهشتگردي قرار ڏئي ٿي.
8 آڪٽوبر 1997ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت حزب الله کي ترميم ٿيل اميگريشن ۽ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪٽن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کانپوء 31 آڪٽوبر 2001ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق حزب الله کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ حزب الله جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي حزب الله سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. حزب الله کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزارت اهڙي معلومات تي انعام جي آڇ ڪري ٿي جنهن جي نتيجي ۾ هيٺين معاملن جي سڃاڻپ ٿي سگهي يا انهن ۾ خلل يا رنڊڪ پوي:
- تنظيم لاءِ ريونيو جي مک وسيلن يا ان جي اهم مالي مدد جي نظام،
- حزب الله جي مک ڊونرز ۽ مالي مددگارن،
- حزب الله جي اهم مالياتي ڏي وٺ ۾ ڄاڻي واڻي سهولتڪاري ڪندڙ مالياتي ادارن ۽ ايڪسچينج هائوسز،
- حزب الله جي ملڪيت يا ڪنٽرول واري ڪاروبار يا سيڙپڪاري،
- بين الاقوامي سطح تي ٻٽي مقصد لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي جي خريداري ۾ شامل فرنٽ ڪمپنين، ۽
- ڏوهاريون اسڪيمون جنهن ۾ حزب الله جا ميمبر يا حامي شامل هجن، جيڪي تنظيم کي مالي فائدو پهچائي رهيا آهن.
