حسن عزالدين

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس حسن عزالدين جنهن کي احمد غربيه ۽ سمير سلوان طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو، بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. حزب الله جو مبينه ميمبر عزالدين 1985ع ۾ ٽي ڊبليو اي اڏام نمبر 847 جي اغوا ۾ ڪردار سبب گهربل آهي.

14 جون 1985ع تي دهشتگردن اٿينز کان روم ويندڙ ٽي ڊبليو اي جي اڏام 847 کي اغوا ڪري ورتو. 17 ڏينهن تائين 153 مسافرن ۽ عملي جي ماڻهن سميت جهاز کي رومي سمنڊ مٿان هيڏانهن کان هوڏانهن ۽ هوڏانهن کان هيڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو، جهاز بيروت مان الجزيره ويو جتان وري واپس آيو، جهاز 3 ڀيرا بيروت ۾ لينڊنگ ڪئي. پهريون ڀيرو بيروت ۾ اسٽاپ ڪرڻ دوران هائجيڪرن آمريڪي نيوي جي ٽوٻي رابرٽ اسٽيٽيم کي شديد تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کيس گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

14 نومبر 1985ع تي عزالدين تي هائجيڪنگ ۾ ڪردار ۽ ملوث هجڻ تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي. 12 آڪٽوبر 2001ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت عزالدين کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان نامزدگي جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ عزالدين جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي عزالدين سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم حزب الله کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي. عزالدين جو نالو ايف بي آءِ جي سڀ کان وڌيڪ گهربل دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل آهي. خيال ڪيو پيو وڃي ته هو لبنان ۾ موجود آهي.

Skip to content