حرڪت المقواما الاسلاميه (حماس) 1987ع ۾ پهرين فلسطيني بغاوت يا پهرين انتفاده جي شروعات جي موقعي تي اخوان المسلمين جي فلسطيني شاخ طور قائم ڪيو ويو هو. حماس جي عز الدين القسام برگيڊ جي نالي سان هڪ ويڙهاڪ شاخ آهي جنهن اسرائيلي توڙي فلسطيني علائقن ۾ 1990ع جي ڏهاڪي کان اسرائيل مخالف حملا ڪيا آهن. انهن حملن ۾ اسرائيلي شهرين خلاف وڏي پيماني تي بم حملا، ننڍن هٿيارن سان حملا، روڊ جي پاسي ۾ ڌماڪيدار مادو لڳائڻ ۽ راڪيٽ حملا شامل آهن. حماس 2001ع ۾ يروشلم جي سبارو پزيريا ۾ ٿيل بم حملي جي ذميواري قبول ڪئي جنهن ۾ ٻن آمريڪي شهرين سميت 15 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا. اپريل 2006ع ۾ حماس جي هڪ ميمبر يروشلم ۾ هڪ بس تي آپگهاتي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا مارجي ويا.
8 آڪٽوبر 1997ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت حماس کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کانپوءِ 31 آڪٽوبر 2001ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق حماس کي خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ حماس جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي حماس سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. حماس کي ڄاڻي واڻي سامان يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.
