ريوارڊز فار جسٽس 1995ع ۾ ڪراچي، پاڪستان ۾ آمريڪي قونصل خاني جي ٻن ملازمن جي قتل واري واقعي بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 5 ملين ڊالرن تائين جي انعام جي آڇ ڪري ٿو. 8 مارچ 1995ع ۾ اڇي رنگ جي هڪ وين آمريڪي قونصل خاني جي ملازمن کي ڪم واري هنڌ ڏانهن کڻي وڃي رهي هئي ته اوچتو هڪ ييلو ٽيڪسي مصروف چوواٽي تي وين کي روڪڻ لاء ان جي سامهون اچي وئي، جنهن کانپوءِ هڪ ٻي ڪار وين کي هلڻ کان روڪي ڇڏيو. ماسڪ پهريل دهشتگردن جديد هٿيارن سان وين تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ قونصل خاني جا 2 ملازم مارجي ويا ۽ ٽيون زخمي ٿي پيو.
