ريوارڊز فار جسٽس آمريڪي سامونڊي جهاز يو ايس ايس ڪول تي ٿيل حملي بابت ڄاڻ جي فراهمي تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. 12 آڪٽوبر 2000ع تي عدن يمن جي بندرگاهه تي معمول جي ري فيولنگ لاءِ بيٺل يو ايس ايس ڪول جيڪو آمريڪي نيوي جو گائيڊڊ ميزائل ڊيسٽرائر آهي، سان ٻن آپگهاتي بمبارن ڌماڪيدار مادي سان ڀريل هڪ ننڍڙي ٻيڙي ٽڪرائي ڇڏي. ڌماڪي جي نتيجي ۾ سامونڊي جهاز ۾ هڪ وڏو سوراخ ٿي پيو، 17 نيوي اهلڪار مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. حملي جي منصوبابندي القاعده جي ميمبرن ڪئي جن ۾ هاڻي فوت ٿي ويل ميمبر جمال محمد علي بداوي ۽ فهد محمد احمد القوسو به شامل آهن.
