ريوارڊز فار جسٽس بن غازي ليبيا ۾ آمريڪا جي عارضي مشن واري جاءِ ۽ يو ايس انيڪس تي ٿيل حملي بابت معلومات جي فراهمي تي 10 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. 11 ۽ 12 سيپٽمبر 2012ع تي بن غازي ليبيا ۾ آمريڪا جي عارضي مشن واري جاءِ ۽ يوايس انيڪس تي ٿيل ان دهشتگرداڻي حملي ۾ ليبيا ۾ 4 آمريڪي شهري آمريڪا جو سفير جان ڪرسٽوفر اسٽيونز، فارين سروس انفارميشن مئنيجمنٽ آفيسر شان سمٿ ۽ سيڪيورٽي اسپيشلسٽ انٿوني ڊوهرٽي ۽ ٽيرون سنوڊين ووڊز مارجي ويا هئا. دهشتگردن باهه، جديد هٿيارن، راڪيٽ وسيلي فائر ٿيندڙ گرنيڊن ۽ مارٽرن سان ٻن آمريڪي جاين ۽ هڪ کان ٻئي هنڌ سفر ڪندڙ آمريڪي فوجين تي حملن جو هڪ سلسلو شروع ڪيو. انهن حملن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 2 آمريڪي اهلڪار ۽ 3 ليبيائي ڪانٽريڪٽ گارڊز زخمي ٿي پيا جڏهن ته ٻئي جايون تباهه ٿي ويون.
52 ورهين جو سفير جان ڪرسٽوفر اسٽيونز اتر ڪئليفورنيا ۾ پيدا ٿيو ۽ 1991ع کان پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ پنهنجو ڪيريئر شروع ڪيو. سفير اسٽيونز سمنڊ پار ڪيتريون ئي ذميواريون نڀايون ۽ 2007ع کان 2009ع تائين ليبيا ۾ مشن جو نائب سربراهه رهيو. مارچ 2011ع کان نومبر 2011ع تائين سفير اسٽيونز ليبيا جي عارضي قومي ڪائونسل لاءِ خاص نمائندي طور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ مئي 2012ع ۾ ليبيا ۾ آمريڪي سفير طور تريپولي پهتو. پرڏيهي وزارت ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ سفير اسٽيونز واشنگٽن ڊي سي بين الاقوامي واپار جو وڪيل هو. ان کان اڳ هن 1983ع کان 1985ع تائين مراڪش ۾ پيس ڪور جي رضاڪار طور انگلش سيکاري. آمريڪي پرڏيهي وزير هليري روڌم ڪلنٽن سفير اسٽيونز کي ”بهادر ۽ سٺو ماڻهو، قابل سفارتڪار ۽ آمريڪي هيرو“ تسليم ڪيو.
34 سالن جو شان سمٿ سان ڊياگو ڪئليفورنيا ۾ پيدا ٿيو ۽ 1995ع ۾ ايئر فورس ۾ شامل ٿي ويو جتي هن گرائونڊ ريڊيو مينٽيننس اسپيشلسٽ ۽ اسٽاف سارجنٽ طور خدمتون سرانجام ڏنيون. سمٿ 2002ع ۾ انفارميشن مئنيجمنٽ آفيسر طور پرڏيهي وزارت ۾ شامل ٿيو جتي هن بغداد، پريٽوريا، مونٽريال ۽ دي هيگ سميت مختلف سمنڊ پار عهدن تي خدمتون انجام ڏنيون. سمٿ سيپٽمبر 2012ع ۾ بن غازي روانو ٿيو ته جيئن آمريڪا جي عارضي مشن کي ڪميونيڪشنز اينڊ مئنيجمنٽ ۾ مدد فراهم ڪري سگهي.
42 سالن جو گلين انٿوني ڊوهرٽي ونچيسٽر ميساچيوسٽس ۾ پيدا ٿيو ۽ 1995ع ۾ نيوي ڀرتي ٿي ويو، پنهنجي ڪيريئر دوران هن عراق ۽ افغانستان ٻنهي هنڌن تي خدمتون سرانجام ڏنيون. نيوي ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ڊوهرٽي پروفيشنل اسڪائي انسٽرڪٽر طور ڪم ڪيو، فلائيٽ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ هو هڪ تجربيڪار پيراميڊيڪل ڪارڪن ۽ فلائيٽ ٽرينر هو. ڊوهرٽي 2005ع ۾ سمنڊ پار آمريڪي عملدارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪانٽريڪٽر پروٽيڪٽو آفيسر طور ڪم شروع ڪيو. ڊوهرٽي آمريڪي اهلڪارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ سيپٽمبر 2012ع ۾ بن غازي جو سفر ڪيو.
41 سالن جي ڄمار وارو ٽائرون سنوڊن ووڊز پورٽلينڊ اوريگان ۾ پيدا ٿيو ۽ 20 سالن تائين نيوي ۾ رهيو جنهن دوران هن صوماليا، عراق ۽ افغانستان ڪيترائي ڀيرا خدمتون انجام ڏنيون. ووڊز رجسٽرڊ نرس ۽ سند يافته پيراميڊيڪل ڪارڪن پڻ هو. 2010ع ۾ ووڊز ڪانٽريڪٽ پروٽيڪٽو آفيسر طور ڪم شروع ڪيو جنهن ۾ هو سمنڊ پار آمريڪي عملدارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪندو هو. هن آفيسرن کي تحفظ ڏيڻ جون خدمتون سڄي دنيا ۾ انجام ڏنيون. ووڊز آمريڪي اهلڪارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ سيپٽمبر 2012ع ۾ بن غازي جو دورو ڪيو.
