القاعدہ ان عربين پيننسيولا (اي ڪيو اي پي)

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

القاعده عربي ٻيٽ ۾ (اي ڪيو اي پي) يمن ۾ موجود هڪ انتهاپسند گروپ آهي جيڪو جنوري 2009ع ۾ يمن ۽ سعودي عرب جي دهشتگرد عنصرن جي اتحاد کانپوءِ اڀريو.

اي ڪيو اي پي جي اعلانيل هدفن ۾ عربي ٻيٽ ۽ وسيع تر وچ اوڀر ۾ خلافت قائم ڪرڻ ۽ شرعي قانون لاڳو ڪرڻ شامل آهي. اي ڪيو اي پي عربي ٻيٽ ۽ دنيا ۾ ٻين هنڌن تي مقامي، آمريڪي ۽ اولهه جي مفادن کي نشانو بڻايو آهي. گروپ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين جي ذميواري قبول ڪئي آهي جنهن ۾ جنوري 2015ع ۾ پيرس ۾ طنزيه اخبار چارلي هيبڊو جي آفيسن تي حملو به شامل آهي جنهن ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا هئا.

اي ڪيو اي پي مک دهشتگرد تنظيم القاعده (اي ڪيو) سان لاڳاپيل آهي ۽ اها اولهه جي ماڻهن کي نشانو بڻائڻ ۽ ٻين لاڳاپيل تنظيمن سان سهڪار وڌائڻ لاءِ اي ڪيو جي عالمي قيادت سان سان گڏجي ڪم ڪري ٿي. اي ڪيو اي پي جو گهڻي اهميت اي ڪيو جي وسيع نيٽ ورڪ جي وچ ۾ مالياتي ۽ سهولتڪاري لنڪ طور سندس ڪردار آهي.

اي ڪيو اي پي 25 ڊسمبر 2009ع تي دهشتگرد عمر فاروق عبدالمطلب کي پارايل بم وسيلي هڪ جهاز کي تباهه ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. هن گروپ ڪمپيوٽر پرنٽرز ۾ ڌماڪيدار مادو لڪايو جيڪو 2010ع جي آخر ڌاري ٻن مالبردار جهازن وسيلي آمريڪا منتقل ڪيو پئي ويو، اهي بم 29 آڪٽوبر 2010ع تي ٻن هنڌن تي ترسڻ دوران هٿ ڪري محفوظ بڻايا ويا.

19 جنوري 2010ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت اي ڪيو اي پي کي اميگريشن ۽ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو، جيئن ترميم ڪئي وئي آهي، ۽ ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 مطابق خاص طور تي عالمي دهشتگرد نامزد ڪيو ويو. نتيجي طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ اي ڪيو اي پي جي ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي اي ڪيو اي پي سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ڄاڻي واڻي اي ڪيو اي پي کي مادي مدد يا وسيلا فراهم ڪرڻ، يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ ڏوهه آهي.

Skip to content