القاعدہ ان عراق (اي ڪيو آءِ) 2004ع ۾ مري ويل دهشتگرد ابو مصاب الزرقاوي قائم ڪئي جنهن پنهنجي گروپ جي بيعت القاعدہ (اي ڪيو) اڳواڻ اسامه بن لادن سان ڪئي. 1990ع جي ڏهاڪي ۾ الزرقاوي اسلامي دنيا ۾ آمريڪي ۽ اولهه جي فوجي جٿن جي موجودگي ۽ اسرائيل لاءِ اولهه جي حمايت ۽ اسرائيل جي وجود جي مخالفت ڪرڻ لاءِ دهشتگرد گروپ التوحيد والجهاد کي منظم ڪيو جيڪو اي ڪيو آءِ کانپوءِ وجود ۾ يو. الزرقاوي عراق ۾ ڪاررروائي دوران جنهن ۾ آمريڪا جي اڳواڻي ۾ 40 ملڪن عراق تي حملو ڪيو عراق منتقل ٿيو ۽ آمريڪا ۽ اتحادي فورسز خلاف جون 2006ع ۾ مرڻ گهڙي تائين پنهنجي گروپ جي اڳواڻي ڪئي. اي ڪيو آءِ اتحادي ۽ عراقي فورسز ۽ شهرين کي نشانو بڻايو ته جيئن پرڏيهين تي عراق ڇڏڻ لاءِ دٻاء وڌو وڃي، آمريڪا ۽ عراقي حڪومت لاءِ عراقي مقبول حمايت گهٽائي وڃي ۽ ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي. آڪٽوبر 2006ع ۾ القاعدہ ان عراق پنهنجو نالو اسلامڪ اسٽيٽ ان عراق طور پنهنجو نالو تبديل ڪيو. هي گروپ 2013ع ۾ اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق اينڊ سيريا (آءِ ايس آءِ ايس) يا داعش بڻڄي ويو جنهن کانپوءِ هن پاڻ کي القاعدہ کان ڌار ڪري ڇڏيو.
17 ڊسمبر 2004ع تي آمريڪا جي پرڏيهي وزارت اي ڪيو آءِ (جنهن کي هاڻي آءِ ايس آءِ ايس طور سڃاتو وڃي ٿو) کي ترميم ٿيل اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت پرڏيهي دهشتگرد تنظيم نامزد ڪيو. ان کان اڳ 15 آڪٽُوبر 2004ع تي آمريڪي پرڏيهي وزارت اي ڪيو آءِ کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي عالمي دهشتگرد نامزد ڪيو. ان جي نتيجي ۾ آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ آءِ ايس آءِ ايس (داعش) جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي القاعدہ سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. القاعدہ کي ڄاڻي واڻي مواد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي.
