عبدالرضا شهلائي

ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 15 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس عبدالرضا شهلائي جي مالياتي سرگرمين، نيٽ ورڪز ۽ ساٿين بابت معلومات جي فراهمي تي 15 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو، عبدالرضا شهلائي ايران جي اسلامي ريووليوشنري گارڊ ڪور- قدس فورس يا سپاهه پاسداران انقلاب اسلامي – قدس فورس جو يمن جي شهر صنعا ۾ موجود اعليٰ ڪمانڊر آهي، کيس ”يوسف ابو الڪرخ“ ۽ حاجي يوسف شهلائي جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. شهلائي سڄي دنيا ۾ آمريڪي شهرين ۽ اتحادين کي نشانو بڻائڻ جي ڊگهي تاريخ رکي ٿو.

شهلائي عراق ۾ اتحادي فورسز جي قتل جي ڪيترن ئي واقعن جي منصوبابندي ڪئي ۽ شيعا انتهاپسند گروپن کي هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو فراهم ڪيو ۽ 20 جنوري 2007ع تي عراق جي شهر ڪربلا ۾ ٿيل حملي جي رٿابندي ڪئي جنهن ۾ 5 آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ 3 ٻيا زخمي ٿي پيا.

فنانسر ۽ آءِ آر جي سي جي سينيئر عهديدار طور شهلائي 2011ع ۾ واشنگٽن ۾ سعودي سفير جي قتل جي منصوبي جون هدايتون ڏنيون. ان کانپوءِ آمريڪا ۽ ٻين هنڌن تي پڻ هن حملن جي منصوبابندي ڪئي، کيس ان منصوبي ۾ ڪاميابي ملڻ تي آمريڪا ۾ 200 شهري مارجي پئي سگهيا.

11 آڪٽوبر 2011ع تي آمريڪا جي ناڻي واري وزارت شهلائي کي ترميم ٿيل ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خاص طور تي نامزد عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪيو. ان کان اڳ 2008ع ۾ آمريڪا جي ناڻي واري وزارت شهلائي کي عراق ۾ امن ۽ استحڪام ۽ عراقي حڪومت لاءِ خطرو بڻجڻ تي ايگزيڪيوٽو آرڊر 13438 تحت نامزد ڪيو هو. انهن اپائن جي نتيجي ۾ ٻين نتيجن طور آمريڪا جي دائره اختيار ۾ ايندڙ شهلائي جي سموري ملڪيت ۽ ملڪيت ۾ مفاد بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ آمريڪي شهرين تي عبدالقادر سان ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي ڪرڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان کان علاوه آمريڪا جي نامزد پرڏيهي دهشتگرد تنظيم آءِ آر جي سي کي ڄاڻي واڻي مادي مدد يا وسيلن جي فراهمي يا ان جي ڪوشش يا سازش ڪرڻ هڪ ڏوهه آهي. هن کي 2018ع ۾ بحرين، يورپي يونين، سعودي عرب ۽ برطانيا پڻ نامزد ڪيو هو.

Skip to content