عبدالرئوف بن حبيب جيڊي

ڌرتي جي مغربي حصو | ڏکڻ ۽ وچ ايشيا | ويجھو اوڀر - اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر

انعام

تي 5 ملين آمريڪي ڊالرن

پنھنجي حصي جي ذميواري ادا ڪيو.

ريوارڊز فار جسٽس عبدالرئوف بن حبيب جيڊي جنهن کي فاروق التيونسي جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو بابت ڄاڻ جي فراهمي لاءِ 5 ملين آمريڪي ڊالرن تائين انعام جي آڇ ڪري ٿو. جيڊي القاعده (اي ڪيو) جي ماڻهن سان هوائي جهازن جي اغوا واري منصوبن ۽ دهشتگردي جي ٻين سرگرمين ملوث رهيو آهي. جيڊي شڪي دهشتگرد فقير بن عبدالعزيز بوسورا (هائپرلنڪ) جو ساٿي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻنهي گڏجي سفر ڪيو هجي.

جيڊي 1965ع ۾ تيونس ۾ پيدا ٿيو. 1991ع ۾ مونٽريال ڪئنيڊا لڏپلاڻ ڪري ويو ۽ 1995ع ۾ ڪئنيڊا جو شهري ٿي ويو. 1999ع ۾ جيڊي ڪئنيڊا ڇڏي افغانستان روانو ٿيو، جتي هن دهشتگردي جي سکيا ۽ ويڙهه جو تجربو حاصل ڪيو. هو افغانستان جي اتر اتحاد خلاف وڙهيو ۽ هڪ خط لکيو جنهن ۾ هن جهاد ۾ شهيد ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ان دوران القاعده اڳواڻ جي گهر مان 2001ع ۾ مليل شهادت واري وڊيو ۾ پڻ ظاهر ٿيو.

جيڊي 2001ع ۾ مونٽريال واپس هليو ويو. ٻين انتهاپسندن سان صلاح مشوري کانپوءِ هن ڪئنيڊا ڇڏيو. اختيارين کي ڳڻتي آهي ته هي ڪئنيڊيا يا آمريڪا واپس اچي ڪنهن حملي جي منصوبابندي يا حملي ۾ حصو وٺي سگهي ٿو.

Skip to content