اسان جي باري ۾

اڪثر پڇيل سوال

ڇا توھان روارڊز فار جسٽس (RFJ) پروگرام بابت ڪجھ بنيادي معلومات مهيا ڪري سگھو ٿا؟

RFJ ھڪ انٽرا اينجنسيز انعامي پروگرام آھي جيڪو 1984 جي عالمي دھشتگردي خلاف مقابلي جي قانون Act to Combat International Terrorism, Public Law 98-533 (codified at 22 U.S.C. § 2708) تحت قائم ڪيو ويو ۽ ان جو انتظام رياست جي بيورو آف ڊپلوميٽڪ سيڪيورٽي طرفان ڪيو ويو.

RFJ جو مقصد اھڙي معلومات جمع ڪرڻ آھي جنھن سان آمريڪا جي قومي سلامتي جي حفاظت ۾ مدد ملي ٿي.

ان جي 1984 جي قانوني اختيارين جي تحت، RFJ جو اصل مقصد اھڙي معلومات لاء انعام پيش ڪرڻ هو جيڪا

  • اھڙن ماڻھن کي گرفتار ڪرڻ يا سزا ڏيڻ ۾ مدد ڏئي جيڪي آمريڪا جي ماڻھن يا ان جي ملڪيت خلاف دھشتگرد ڪارواين جي ڪوشش ڪن، منصوبہ ٺاھن، ان تي عمل ڪن ۽ مدد ڏين.
  • اھڙن منصوبن جي عمل ٿيڻ کان پھرين ان کي روڪي.
  • اھم دھشتگرد اڳواڻ جي سڃاڻپ ۽ ان جي مقام تائين وٺي وڃي.
  • دھشتگردن جي مالي مدد کي روڪي.

2017 ۾ ڪانگريس RFJ جي قانوني اٿارٽي ۾ ترميم ڪئي جنھن ۾ اھڙي معلومات ڏيڻ لاءِ انعام جي آفر شامل ڪئي وئي جيڪا

  • اتر ڪوريا جي حڪومت جي حمايت ڪندڙ ڪجهه سرگرمين ۾ مصروف ماڻهن جي مالي ميڪانيزم کي روڪڻ م مدد ڪري.
  • ڪنھن بہ فرد جي مقام جي معلومات يا سڃاڻپ جيڪو غير ملڪي حڪومت جي ھدايتن تي عمل ڪري، يا ڪمپيوٽر فراڊ ۽ ان جي غلط استعمال جو قانون Computer Fraud and Abduse Act ( ڪمپيوٽر جي غير قانوني استعمال يا ھن طرح جا ٻيا دوکا)
    جي خالف ورزي ڪرڻ ۾ اڪسائي يا مدد ڪري.

انعام جي رقم جي آفر 1$ ملين ڊالر کان وٺي 25 ملين ڊالر تائين ٿي سگھي ٿي.

RFJ ان صورت ۾ بہ انعامي رقم ادا ڪري سگھي ٿوجنھن ۾ اڳواٽ انعام جي آڇ ٿيل نہ ھجي.


RFJ پروگرام ڪيترو اثرائتو آهي؟

ھن پروگرام جي شروعات کان وٺي، RFJ پاران ھن وقت تائين 125 کان وڌيڪ ماڻھن کي 250 ملين ڊالر کان وڌيڪ تائين رقم ادا ڪئي وئي آھي جن ماڻھن مفيد معلومات فراھم ڪئي ۽ جنھن سان آمريڪي قومي سلامتي جي حفاظت ڪرڻ ۾ مدد ملي.

ان ڪوششن جي ذريعي ڪيترن ئي بيگناھن جون زندگين کي بچايو ويو آھي.


توھان انعام جي رقم جي تشھير ڪيئن ڪندا آھيو؟

RFJ ويب سائٽ کان علاوہ، اسان مختلف ٻولين ۾ سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمز، پوسٽرز، ميچ بڪ، انٽرنيٽ، اخبارن ۽ ريڊيو تي تشھير ۽ ان کان علاوہ ٻيا مناسب طريقاراختيار ڪندا آھيون اانهن ماڻهن سان رابطو ڪرڻ لاءِ جن وٽ پيش ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل معلومات هجي.


توهان انعام جي ادائيگين بابت ڪهڙي معلومات ظاهر ڪندا آهيو؟

رازداري RFJ پروگرام جو هڪ اهم حصو آهي. اسان انعام جي آڇ جي جواب ۾ پيش ڪيل مخصوص معلومات يا انهن ماڻهن جي نالن کي ظاهر نه ڪندا آهيون جيڪي انعام جي رقم وصول ڪندا آهن ۽ عام طور تي اھا معلومات ظاهر نه ڪندا آهيون ته انعام ادا ڪيو ويو آهي. ڪجهه ھائي پروفائل ڪيسن ۾، اسان انعام جي ادائيگي جو اعلان ڪري سگهون ٿا، پر مهيا ڪيل معلومات يا ذريعن جو نالو ظاھر نه ڪندا آھيون جنهن اھا معلومت فراھم ڪئي.


ڇا توھان RFJ جي ڪجھ مخصوص ڪاميابين يا انعامن جي ادائيگين جي باري ۾ ڪجھ تفصيل فراهم ڪري سگھو ٿا؟

فيبروري 1995 ۾ رمزي يوسف جيڪو 1993 جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي بمبارن مان هڪ ھو، پاڪستان ۾ موجود هو ۽ ان کي گرفتار ڪيو ويو ھو RFJ جي انعامي آفر جي جواب ۾ ، هڪ ذريعي طرفان مهيا ڪيل معلومات جي نتيجي ۾.

RFJ پاران فلپائن ۾ پڻ مخلتف انعامن جي ادائيگي ڪئي وئي آھي ماڻھن کي چار الڳ الڳ انعام جي عوامي تقريبات ۾. 7 جون 2007 تي هڪ عوامي انعام واري تقريب ۾ RFJ ڪل 10 ملين ڊالر ادا ڪيا. جڏهن کان پروگرام شروع ٿيو آھي تڏھن کان هي انعام جي ادائيگي فلپائن ۾ سڀ کان وڏي RFJ جي ادائيگي آهي.

RFJ ھڪ شخص کي 3 ملين ڊالر جي انعامي رقم ادا ڪئي جنھن دھشتگرد اڳواڻ احمد ابو ختالا جي باري ۾ معلومات فراھم ڪئي ، ۽ ان معلومات جي مدد سان ان کي گرفتار ڪري ان کي سزا ڏني وئي، جيڪو 2012 ۾ آمريڪي عارضي مشن جي سهولتن تي حملي ۾ شامل ھجڻ سا گڏ ان جو ماسٽر مائينڊ هو بن غازي ليبيا ۾ ، جنهن ۾ هڪ آمريڪي سفير سميت چار آمريڪي مارجي ويا.


اسان کي ڪيئن پڪ ٿي سگهي ٿي ته توهان واقعي انعام ڏنا آهن جيڪڏهن توهان عام طور تي خاص معلومات کي ظاھر نہ ڪندا آهيو؟

جيئن ذڪر ڪيو ويو آهي، RFJ پاران ڪڏهن ڪڏهن ھائي پروفائل انعامن جي ادائيگي بابت محدود اعلانات ڪيا وينا آهن.

درجه بندي رپورٽ پڻ فراهم ڪئي ويندي آھي.


انعام حاصل ڪرڻ لاءِ اھليت جي بنياد ڇا آھي؟ توهان ڪهڙي قسم جي معلومات ڳولي رهيا آهيو؟

ڪو بہ شخص انعام حاصل ڪرڻ لاءِ اھل ٿي سگھي ٿو جيڪو اھڙي معلومات فراھم ڪري:

  • جنھن سان دنيا ۾ ڪٿي به آمريڪي ماڻهن يا ملڪيتن جي خلاف بين الاقوامي دهشتگردي جي ڪاررواين کي روڪڻ يا مناسب طريقي سان حل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي.
  • جنھن سان ڪنھن بہ غيرملڪي دھشتگر تنظيم جي اھم اڳواڻ جي سڃاڻپ يا ان جي مقام تائيڻ پھچائي سگھي.
  • جيڪا اتر ڪوريا جي حڪومت جي حمايت ڪندڙ خاص سرگرمين ۾ مصروف ماڻهن يا ادارن جي مالي ميڪانيزم کي روڪي.
  • جيڪا ڪنھن بہ اھڙي شخص جي سڃاڻپ يا ان جـي مقام تائين پھچائي جيڪي غيرملڪي حڪومت جي ھدايتن جي تحت ”ڪمپيٽر فراڊ ۽ ان جي غلط استعمال جي قانون“ جي خلاف ورزي ۾ مدد ڪري يا اڪسائي.

سرڪاري عملدارعام طور تي ھن انعام لاءِ نااهل هوندا آهن جيستائين اهي پنهنجي سرڪاري فرضن جي ڪارڪردگيءَ کان ٻاهر معلومات فراهم نه ڪن.


ڇا ٿيندو جيڪڏهن ڪو ذريعو ڪنهن دهشتگرد جي باري ۾ معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ پنھنجي جان کي خطري ۾ وجهي ۽ پوءِ هن کي اهو معلوم ٿئي ته هن جي زندگي خطري ۾ آهي؟ ڇا RFJ تحفظ فراھم ڪري سگھي ٿي؟

رازداري کي قائم رکڻ RFJ پروگرام جو ھڪ بنياد حصو آهي. RFJ پاران معلومات فراھم ڪندڙ ذريعن ۽ جيڪي انعام رقم جي وصول ڪرڻ وارن جي سڃاڻپ کي سختي سان راز ۾ رکيو ويندو آھي. ان کان علاوہ ڪيس جي نوعيت جي بنيات تي ذريعن جي يا ان جي خاندان جي منتقلي بہ ٿي سگھي.


انعام جي ادائيگي انفرادي طور تي ڪئين ڪئي ويندي آھي؟

RFJ انعام جي ادائيگي جو ھڪ ڌيان طلب طريقيڪا آھي:

  • آمريڪن تحقيقاتي ايجنسي (جهڙوڪ ڊپارٽمينٽ آف ڊفينس يا ايف بي آءِ) يا ٻاهرين ملڪ ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان ڪنھن شخص کي انعام لاءِ نامزد ڪرڻ لازمي آھي. اھي ماڻھو جيڪي معلومات فراھم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رھيا آھن انعام جي ادائيگي لاءِ پنھنجو پاڻ کي نامزد نٿا ڪري سگھن.
  • قابليت جي قانوني جائزي لاءِ انٽراايجنس ڪميٽي نامزد ڪندڙ ايجنسي طرفان مهيا ڪيل معلومات جو احتياط سان جائزو وٺندي. نامزدگي جي اھليت تي غور ڪرڻ بعد ڪميٽي سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي سفارش ڪندي آھي.
  • ڪميٽي جي سفارش جيتوڻيڪ لازمي نه آهي. سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي انعام ڏيڻ يا نہ ڏيڻ ۽ انعام جي رقم ۾ تبيديلي ڪرڻ جو مڪمل طورتي صوابديد اختيار حاصل آھي قانون جي شرطن جي مطابق.
  • اھڙي ڪنھن بہ معاملي ۾ انعامي ادائيگي ڪرڻ کا پھرين جنھن ۾ وفاقي فوجداري اختيار آھي، اٽارني جنرل جو سيڪريٽري سان اتفاق ھجڻ لازمي آھي.
  • ڪنھن بہ نامزدگي جو مطلب انعام جي ادائيگي ڪرڻ جي منظوري جي گارنٽي نہ آھي. سيڪريٽري پاران انعامي ادائيگي جي حتمي تعين ڪرڻ بعد اهو عدالتي جائزي جي تابع ناهي.

انعامي رقم جي ادائيگي جو تعين ڪيئن ڪيو ويندو آھي؟

انعامي رقم جي ادائيگي مختلف عنصرن جي بنياد تي ڪئي ويندي آھي، بشمول مگر اھو ھن تائين محدود ناھي، جيئن تہ، فراھم ڪيل معلومات جي قدر و قيمت، حاصل ڪيل معلومات جي ذريعي ختم ڪيل خطري جي سطح، خطري جي شدت يا خطري جي نتيجي ۾ آمريڪي ماڻھن يا ملڪيتن کي ايندڙ نقصان, معلومات ڏيندڙ ذريعي ۽ ان جي خاندان جي ماڻھن کي پھچندڙ خطرو ۽ ذريعي پاران ڪيل تعاون جي حد.

شاهدي ڏيڻ جي بدلي ۾ ڪابه انعامي رقم جي ادائيگي نه ڪئي ويندي آهي. ذريعي کي ملندڙ رقم جي ادائيگي تشھير ڪيل ڊالر ۾ ٽوٽل انعامي رقم تائين ڪيتري بہ ٿي سگھي ٿي.


ڇا ڪڏھن RFJ پاران ڪنھن کي بہ روارڊز فار جسٽس جي فھرست مان ڪڍيو ويو آھي؟ جيڪڏھن ھا، تہ ڪنھن کي ۽ ڇا جي لاءِ؟

ها، ريوارڊز فار جسٽس پاران گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي فھرست مان مختلف شڪي ماڻهن کي هٽائي ويوآهي، جن ۾ القائده اڳواڻ اسامه بن لادن ۽ آئي ايس آئي ايس اڳواڻ ابوبڪر البغدادي شامل آهن.اعلان ڪيو وڃي ته هاڻي ڪو خطرو موجود نه هجي.

RFJ جي فهرست مان ڪيترن ئي سببن جي ڪري شڪي ماڻهن کي ڪڍيو وڃي ٿو، بشمول جڏهن انهن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن يا سيڪيورٽي فورسز طرفان حراست ۾ ورتو وڃي، انهن جي مرڻ جي تصديق ڪئي وڃي، يا ٻي صورت ۾ سرڪاري ذريعن طرفان اعلان ڪيو وڃي ته هاڻي ڪو خطرو موجود نه هجي.


انعام جي آڇ ڪندي ڇا توھان بائونٽي ھنٽرز (پئسن عوض مجرمن کي پڪڙڻ وارا) جي حوصلاافزائي نہ ڪري رھيا آھيو؟

اسان سختي سان حوصلہ شڪني ڪندا آھيون بائونٽي ھنٽرز ۽ ٻين غير سرڪاري ماڻھن جي دھشتگردن ۽ ٻين گھربل ماڻھن کي پڪڙن لاءِ ڳولا ڪرڻ کان، ان جي بدران، RFJ ان معلومات لاء انعام فراهم ڪري ٿي جيڪا مناسب حڪومتي اختيارين کي اهڙن ماڻهن کي ڳولڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جي قابل بڻائي.


جيڪڏھن مان معلومات فراھم ڪرڻ چاھيان تہ مون کي ڪنھن سان رابطو ڪرڻ گھرجي؟

معلومات رکندڙ فرد کي ٽيڪسٽ ميسيج ڪرڻ گھرجي واٽس ايپ، ٽيليگرام يا سگنل جي ذريعي 7843-702 (202) 1+ تي.

ماڻھو معلومات جمع ڪرڻ لاءِ پنھنجي قريبي آمريڪي سفارخاني جي ريجنل سيڪيورٽي آفيس يا ويجھي FBI آفس سان رابطو ڪري سگھن ٿا.


مان توهان جي ويب سائيٽ تان مواد (تصويرون) استعمال ڪرڻ جي اجازت طلب ڪرڻ چاهيندس پنھنجي پريزنٽيشن يا اشاعت لاءِ.

جيستائين ڪاپي رائٽ جي نشاندھي نہ ٿيل ھجي، ھن ويب سائٽ تي موجود معلومات عوامي ڊومين ۾ آھي جنھن کي نقل ڪرڻ، ٻيھر اشاعت ڪرڻ ۽ ٻي صورت ۾ RFJ جي اجازت جي بغير استعمال ڪري سگھجي ٿو. اسان گذارش ڪريون ٿا ته RFJ جو حوالو ڏنو وڃي معلومات جي ماخذ جي طور تي ۽ ڪنهن به تصويري ڪريڊٽ يا بائيلائن کي، ساڳيءَ طرح سان فوٽو گرافر يا ليکڪ يا RFJ کي ، جيئن مناسب هجي.

جيڪڏهن ڪاپي رائيٽ ڪنھن تصوير، گرافڪ، يا ڪنهن ٻئي مواد تي ظاهر ڪئي وئي آهي، ان صورت ۾ ان مواد کي نقل ڪرڻ جي اجازت اصل ماخذ کان وٺڻ ضروري آھي. ان کان علاوہ توھان کي فوجداري قانون , 18 U.S.C 713 جي باري ۾ خبر ھجڻ گھرجي، ان حصي ۾ بيان ڪيل خاص حالتن ۾ آمريڪا جي سرڪاري مهر جو استعمال ڪرڻ کان منع ڪيو وڃي ٿو، ان لاءِ اسان شفارش ڪيون ٿا تہ ڪنھن بہ حوالي سان سرڪاري مھر استعمال ڪرڻ کان پھرين قانوني صلاح حاصل ڪيو.


آئون ڪيئن ڄاڻي سگهان ٿو ته RewardsForJustice.net ويب سائيٽ ۾ اصل ۾ آمريڪا جي سرڪاري ويب سائيٽ آهي؟

ريوارڊز فار جسٽس جو انتظام آمريڪا جي پرڏيهي وزارت جي سفارتي سيڪيورٽي سروس (ڊي ايس ايس) وٽ آهي. ڊي ايس ايس پنهنجي سرڪاري ويب سائيٽ: Visit External Link تي ريوارڊز فار جسٽس جو هڪ سيڪشن شامل ڪيو آهي. اهو صفحو سڌي ريت ان ويب سائيٽ سان ڳنڍيل آهي- ريوارڊز فار جسٽس جي سرڪاري ويب سائيٽ- جتي ماڻهو پنهنجون تجويزون ڏئي سگهن ٿا.



Skip to content